عبداللطيف تنيو ڊاڪٽر

عبداللطيف تنيو ڊاڪٽر : ڊاڪٽر عبداللطيف تنيو، ولد فقير مولا بخش تنيو، 10 سيپٽمبر 1952ع تي ڳوٺ محمد عثمان تنيي، تعلقي ڀريا، ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين ۽ مئٽرڪ ڊي. سي هاءِ اسڪول ٺارو شاهه مان ڪيائين. هن بي. اي (آنرز) ۽ ايم. اي (بين الاقوامي تعلقات) سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ڪئي. 1978ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي بين الاقوامي تعلقات شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، ان عرصي دوران هن قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد مان پي. ايڇ. ڊيءَ جي ڊگري پڻ حاصل ڪري ورتي. ڊاڪٽر عبداللطيف تنيو، هن وقت سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾ ائسوسيئيٽ پروفيرسر طور ڪم ڪري رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.09.10  عيسوي

ڊاڪٽر عبداللطيف تنيو، ولد فقير مولا بخش تنيو، 10 سيپٽمبر 1952ع تي ڳوٺ محمد عثمان تنيي، تعلقي ڀريا، ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻانڀڻ
للت دبي
بختاور شھيد
چنگيز خان
احمد فقير سمو
ادريس محمد صديق
چاڪر خان سهرياڻي
الف شاهه شهيد ۽ مست علي شاهه
پنڊت ڀڄن سوپاري
انجينئر جمال الدين وينجهر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون